عراق ۾ حادثو ايراني زائرين سميت 18 فوت 13 زخمي

عراق ۾ حادثو ايراني زائرين سميت 18 فوت 13 زخمي

بغداد(ويب ڊيسڪ) عراق ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ ايراني زائرين سميت 18 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي آهن جن جي حالت نازڪ آهي. بي بي سي موجب اهو افسوسناڪ واقعو عراق جي اترين صوبي صلاح الدين جي ٻن شهرن کي ڳنڍيندڙ مصروف روڊ تي پيش آيو، زائرين جي ڪوچ جي درائيور کي ننڊ اچي وئي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون ۽ ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسپتال پهچايو. هر سال عراق ۾ لکين زائرين ايندا آهن گذريل سال 26 لک ماڻهو آيا هئا جن ۾ اڪثريت ايرانين جي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو