اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پاران عدم اعتماد جي رٿ غير آئيني قرار ڏئي رد ڪرڻ ۽ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ بعد اپوزيشن ايوان ۾ موجود رهي ۽ مشاورت بعد اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ عدم اعتماد جي رٿ تي علامتي ڪاروائي جاري رکي. ووٽنگ دوران وزيراعظم خلاف 197 ووٽ پيا ۽ رٿ کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو. اياز صادق نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اجلاس جي وڌيڪ ڪاروائي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










