عدت ۾ نڪاح ڪيس،عمران خان ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي تي عدت شادي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي سينيئر سول جج قدرت الله ڪئي.چارج شيٽ سينيئر سول جج قدرت الله پڙهي ٻڌائي، ٻنهي جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ باني فرد جرم جي وقت عدالت ۾ موجود هو، عدالت بشرا بي بي جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،وڪيل صفائي بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو،عدالت چيو ته بشرا بي بي کي اڄ طلب ڪيو ويو، هوءَ عدالت جي ڪمري مان ڪنهن جي اجازت سان وئي؟ عدالت جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته معلوم ڪيو وڃي ته بشرا بي بي ڪڏهن جيل ۾ داخل ٿي ۽ ڪڏهن وئي.جيل اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته بشرا بي بي 11:30 تي داخل ٿي ۽ 1:45 تي هلي وئي.عدالتي استفسار تي بشرا بي بي جي وڪيل عثمان گل ٻڌايو ته بشرا بي بي جي حالت خراب آهي، هوءَ اسپتال وئي آهي.عدالت چيو ته ڪالهه اسان بشرا بي بي جا وارنٽ آرڊر لکيا هئا، اسان توهان جي درخواست تي جاري نه ڪيا، توهان بار بار ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي حاضري کان ڇوٽ گهري رهيا آهيو،پراسيڪيوٽر رضوان عباسي بشرا بي بي جي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض اٿاريو، هن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪنهن به علاج جو ذڪر ناهي،عدالت چيو ته حاضري کان ڇوٽ گهري ويندي آهي، عدالت جوابدار کي طلب ڪيو هو، جنهن جي اجازت سان هوءَ عدالت مان نڪري وئي، پي ٽي آءِ جي باني کي عدالت ۾ طلب ڪيو، اڄ ئي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عدالت پي ٽي آءِ باني کي روسٽرم تي گهرايو،پي ٽي آءِ باني جج کي چيو ته مون کي قانوني شرطن جي خبر ناهي، جيڪڏهن منهنجو وڪيل وضاحت ڪري ته چارج شيٽ تي دستخط ڪندس، ڇهن سالن کان پوء مانيڪا کي ياد آيو ته شادي غير قانوني هئي،وڪيلن جي صلاح مشوري کانپوءِ پي ٽي آءِ جي باني چارج شيٽ تي صحيح ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو