عدت ۾ نڪاح ، بشريٰ جو ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي عيد دوران نڪاح جو ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي عيد ۾ نڪاح جو ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو آهي.بشرا بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بئريسٽر سلمان اڪرم راجا ذريعي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدت ۾ نڪاح جو ڪيس ناهي ٺهيو، ٽرائل ڪورٽ کي به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي،درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا بدتميزي تحت ڪوڙا ۽ جعلي دستاويزن جي بنياد تي عدت ۾ شادي جو ڪوڙو الزام هنيو، اڳوڻي مڙس موجب هن مون کي 14 نومبر 2017 تي طلاق ڏني. خاور مانيڪا کي 15 اپريل 2017 تي زباني طور تي ٽي طلاقون ڏنيون ويون جڏهن ته آگسٽ 2017 ۾ پنهنجي ماءُ جي گهر منتقل ٿي وئي، پهرين جنوري 2018 تي پي ٽي آءِ جي باني سان شادي ٿيڻ تائين ماءُ جي گهر ۾ رهي.بشرا بي بي پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته ايڊيشنل سيشن جج ايسٽ جو 11 جنوري جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عيد دوران نڪاح جو ڪيس خارج ڪيو وڃي ۽ درخواست تي فيصلي تائين ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي روڪي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو