عدالت ۾ اسد عمر جي حالت خراب، اسپتال منتقل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو اڳوڻو اڳواڻ اسد عمر طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو.اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو جتي هو بيمار ٿي پيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر کي سيني ۾ درد ٿيو، جنهن تي کيس فوري طور اسپتال نيو ويو.اسد عمر جي وڪيل چيو ته اڳوڻو وزير عدالت ۾ موجود هو ته کيس دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس هٿن ۾ کڻي گاڏي ۾ ويهاريو ويو.اسد عمر کي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي به اسپتال پهچي ويو آهي.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسد عمر جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، ناشتي کانسواءِ بلڊ پريشر جي دوا وٺڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي، کيس طبي امداد ڏني وئي آهي ۽ سندس حالت بهتر ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو