عدالت پي ٽي آئي جي ڪوريج بابت درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي جو نالو ۽ ليڊرشپ جي ميڊيا ڪوريج نه ڪرڻ بابت پيمرا نوٽيفڪيشن جي غلط تشريح جي خلاف درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي درخواست گذار جي وڪيل بئريسٽر طاهر علي موقف ڏنو ته 9 مئي واقعي کان پوءِ پيمرا آرڊر جاري ڪيو پيمرا آرڊر جي آڙ ۾ پوري پي ٽي آئي جو ميڊيا بليڪ آئوٽ ڪيو ويو جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏنا ته اوهان پيمرا آرڊر سان ڪيئن متاثر ٿي سگهون ٿا درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته منهنجو اصيل پارٽي جو ميمبر ۽ سپورٽر آهيان جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان پاڪستان جا صدر به هجي ته هن آرڊر سان ڪيئن متاثر ٿي سگهو ٿا جسٽس عدنان اقبال چوڌري درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته پيمرا جو آرڊر پڙهو درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته پيمرا 9 مئي جي سهولتڪارن، جوابدارن جو ميڊيا بليڪ آئوٽ ڪرڻ جو آرڊر ڪيو منهنجي پوري جماعت جو ميڊيا بليڪ آٽ ڪيو ويو جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيمرا جنهنکي حڪم ڏنو اهو متاثر ٿيو ۽ اوهان ڪيئن ٿيا پيمرا جي آرڊر جي خلاف ته چينلز کي عدالت اچڻ گهرجي ها جيڪڏهن اهي متاثر آهن مطمئن ڪريو اسان اوهان کي ڪيئن ٻڌي سگهون ٿا درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته معلومات ڄاڻڻ اسان جو بنيادي حق آهي ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي هر سياسي پارٽي ۽فرد کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو به حق آهي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي منظوري بنا پابندي قانون جي خلاف آهي عدالت ريمارڪس ڏيند يچيو ته اوهان درخواست واپس وٺندا يا اسان درخواست رد ڪري ڇڏيون عدالت درخواست اڻ ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي عدالت جي آپشن ڏيڻ تي درخواست گذار جي وڪيل درخواست واپس وٺي ڇڏي درخواست گذار جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو