عدالت پاران حراست دوران فوت ٿيل قيدين جي رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت انساني حقوق کان حراست دوران فوت ٿيندڙ قيدين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله 2 قيدين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي وزارت انساني حقوق کي قيدين جي طبيعت متعلق عدالت کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم به ڏنو خاص طور اهڙا مريض جنهن زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن ۽ انهن کي طبي سهولتون نه ڏئي ڪري انهن جو علاج نه ڪيو ويو هجي. هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته بااثر قيدين جو بهتر علاج ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته عام قيدين کي بنيادي سهولتون به نه ٿيون ڏنيون وڃن. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪو به قيدي عدالت سان رجوع ڪندو آهي ته هو بنيادي سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪندو آهي ان جو مطلب ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا نه پئي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس انساني حقوق کي شديد بيمار قيدين جي علاج لاءِ پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جيل انتظاميه کان پڇيو ته ڇا قيدي جي مرڻ کان پوءِ به ان ڪيس جي تحقيقات ٿي هئي جنهن تي جيل انتظاميه جيل ٻڌايو ته لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج اهڙن واقعن تي انڪوائري جوڊيشل مجسٽريٽ کي ڏيندا  آهن. ان کان علاوهه اڊيالا جيل ۾ مقرر ڊاڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته هن 5 ڪيس اڪلايا ۽ انهن کي جيل جي قانون مطابق علاج فراهم ڪيو ويو.چيف جسٽس اطهر من الله جيل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪو به قيدي ان سلسلي ۾ درخواست داخل ڪرائي ٿو ته ان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جوڙيل ڪميشن تائين پهڇايو وڃي. واضح رهي ته وزارت انساني حقوق وفاقي وزير انساني حقوق جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن جو نوٽيفڪيشن 30 نومبر تي جمع ڪرايو هو. ڪميشن ۾ وزارت انساني حقوق، صحت و داخلا جا سيڪريٽري، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي چيئرپرسن زوها يوسف، صحافي غازي صلاح الدين، ايڊووڪيٽ ضياءَ اعواڻ، وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل طارق کوسه ۽ سڀئي چيف سيڪريٽري به ان ڪميشن جو حصو هوندا. ٻڌڻي دوران انساني حقوق جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته زوها يوسف ۽ طارق ذاتي مصروفيتن سبب ڪميشن جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ڪميشن ڪنهن ماڻهو يا اداري جي احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ تجويزون ڏيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت انساني حقوق کي هدايتون جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو