عدالت زرداري لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جي طبي بنيادن تي داخل ڪيل ضمانت واري درخواست تي پمزاسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ بيماري ڄاڻڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت زرداري جي ذاتي معالج کي به بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي مشتمل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي خصوصي بينچ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيسن ۾ طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت فريال ٽالپور جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله پڇيو ته ڇا آصف زرداري لاءِ ڪو ميڊيڪل بورڊ بڻيو آهي جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پنجاب حڪومت طرفان ميڊيڪل بورڊ بڻايو ويو هو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پمز جي هيڊ کي چئون ٿا ته هو ميڊيڪل بورڊ ٺاهي رپورٽ جمع ڪرائي. ان موقعي تي فاروق ايڇ نائيڪ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي بورڊ جو حصو بنائڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت پڻ منظور ڪري ورتو. عدالت پمز جي هيڊ کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيماري ڄاڻڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته 11 ڊسمبر کان اڳ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيسن ۾ پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ذريعي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ نيب ۽ احتساب عدالت کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست ۾ آصف زرداري موقف اختيار ڪيو هو ته مون کي دل جي بيماري آهي ۽ 3 اسٽنٽ به وڌا ويا آهن شوگر جو مرض آهي شوگر ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقل علاج جي ضروت آهي ان ڪري علاج لاءِ ضمانت منظور ڪئي وڃي. جڏهن فريال ٽالپور پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته منهنجي معذور نياڻي آهي جنهن جي سار سنڀال لاءِ ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو