عبدالقادر شيخ پاران ٺٽو پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون

عبدالقادر شيخ پاران ٺٽو پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر اطلاعات ۽ نشريات ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن عبدالقادر شيخ پاران ٺٽو پريس ڪلب جي 2025 جي لاءِ نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظھار ڪندي چيو تہ اقبال جاکرو جو مسلسل چوٿون ڀيرو ٺٽو پريس ڪلب جو صدر چونڊجڻ ٺٽي پريس ڪلب جي ميمبرن جو مٿس اعتماد جو واضح ثبوت آهي جڏهن تہ ھن جي ڪاميابي صحافين پاران مٿس اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي ھن چيو اسان کي پوري اميد آهي تہ نوان چونڊيل ميمبر ضلعي ٺٽي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ پنهنجي صحافتي ذميوارين کي نڀائيندي ۽ پنهنجي قلم ذريعي سمورن مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ ايوانن تائين آواز پهچائڻ ۾ عملي ڪردار پڻ ادا ڪندا ۽ نئين چونڊيل باڊي ٺٽو پريس ڪلب جي پراڻي بھترين روايتن جي فضا کي برقرار رکندي صحافتي تنظيمن جي بهتري ۽ نوجوانن لاءِ متحرڪ ۽ جامع ماحول فراهم ڪندي رھندي ڊائريڪٽر اطلاعات واٽر ڪارپوريشن پاران ٺٽو پريس ڪلب جي نئي چونڊيل صدر اقبال جاکرو نائب صدر اسماعيل ميمڻ جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب شيخ جوائنٽ سيڪريٽري رحمت الله ڇٽو خزانچي منصور جلالاڻي سميت ورڪنگ ڪميٽي ميمبرن ڀورو سرڪي رشيد جاکرو مرزا حسن بيگ ۽ صديق ميمڻ کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظھار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو