اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مشهور سياسي شخصيت ۽ ٽي وي اينڪر عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عامر لياقت جي ٽئين بيواهه دانيه عامر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي اها درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. دانيه عامر جي وڪيل چيو ته عدالت وقت ڏئي ته ڪجهه دستاويز پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، اهم معاملو آهي ۽ چاهيان ٿو ته پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي، سبب سامهون اچڻ گهرجن.جسٽس شاهد وحيد چيو ته هينئر تائين ڳري چڪو هوندو.دانيه عامر جي وڪيل چيو ته عدالت اجازت ڏئي ته درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا. عدالت ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست رد ڪندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
