عامر جمال کي اعزاز ملي ويو،ڪهڙو؟

سڊني(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي فاسٽ بالر عامر جمال آسٽريليا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو.عامر جمال آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي اننگز ۾ 50 کان وڌيڪ رنسون ۽ 6 وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو.عامر جمال سڊني ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 82 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته هن آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ 6 رانديگرن کي آئوٽ پڻ ڪيو.عامر جمال کان اڳ وسيم اڪرم 1990ع ۾ آسٽريليا خلاف 52 ۽ 123 رنسن جي اننگز کيڏي هئي ۽ هڪ اننگز ۾ پنج وڪيٽون ورتيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو