عاليا ڀٽ ۽ ڪپل شرما جي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن سان گڏ ڊانس

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ ڪاميڊين ڪپل شرما جي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن سان گڏ ڊانس ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.عاليا ڀٽ ۽ ڪپل شرما تازو ئي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي.سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي وائرل ٿيندڙ تقريب جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عاليا ۽ ڪپل ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٻارن سان گڏ ڊانس ڪيو، جنهن تي ٻار ڏاڍا خوش ٿيا.وڊيو کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.بيمار ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ پکيڙڻ تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان عاليا ڀٽ ۽ ڪپل شرما کي به ساراهيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو