عاليا ڀٽ ۽ ڪريتي سينن بالي ووڊ جي بهترين اداڪارا قرار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)عاليا ڀٽ ۽ ڪريتي سينن گڏيل طور تي بالي ووڊ جي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ماڻيو جڏهن ته اللو ارجن بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن نئين دهلي جي نيشنل ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران 69 هين نيشنل فلم ايوارڊز جي فاتحن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو.هن سال پهريون ڀيرو، نيشنل فلم ايوارڊ اللو ارجن، عاليا ڀٽ ۽ ڪريتي سنن پاران پشپا: دي رائز، گنگوبائي ڪاٺياواري ۽ ممي لاءِ ترتيب ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هن سال جي فلم ”راڪٽري: دي نمبي ايفڪٽ“ کي بهترين فلم، ”آر آر آر“ کي بهترين مقبول فلم ۽ نخيل مهاجن کي فلم ”گوداوري“ لاءِ بهترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو.پنڪج ترپاٿيءَ کي فلم ”ممي“ لاءِ بهترين معاون اداڪار، پلوي جوشي کي دي ڪشمير فائلز لاءِ بهترين معاون اداڪارا ۽ شرييا گھوشال کي بهترين خاتون پلي بيڪ سنگر جو ايوارڊ مليو.سمورن فنڪارن کي اهي ايوارڊ هن سال جي آخر ۾ ڀارتي صدر دروپدي مرمو هڪ شاندار تقريب ۾ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو