عاليا ڀٽ ۽ ايشا امباني بزنس پارٽنر بڻجي ويون

عاليا ڀٽ ۽ ايشا امباني بزنس پارٽنر بڻجي ويون

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي امير ترين بزنس مين مڪيش امباني جي ڌيءَ ايشا امباني ۽ مشهور ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ هاڻي بزنس پارٽنر بڻجي ويا آهن.عاليا ڀٽ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ايشا امباني سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.هن تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”مون کي توهان کي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ’AD-A MAMA‘ ۽ RELIANCE RETAIL VENTURES LIMITED هڪ نئون گڏيل منصوبو شروع ڪيو آهي.ADD-A-MAMA هڪ اڀرندڙ برانڊ آهي هڪ وڏي دل سان جڏهن ته RELIANCE RETAIL هندستان جو سڀ کان وڏو پرچون ڪندڙ آهي پر ڏينهن ۾ هڪ شيءِ مشترڪ آهي ۽ اهو آهي ٻارن جي شين جي مقامي برانڊ ٺاهڻ جو ڪم، هن لکيو. جيڪو والدين لاءِ محفوظ ۽ قابل اعتماد آهي.پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ عاليا ڀٽ لکيو ته ”ايشا ۽ منهنجي لاءِ هن پروجيڪٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ٻئي مائرون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو