عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جا ڪيس داخل ٿيندا: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ تي ٻه ڪيس داخل ٿيندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عارف علوي خلاف هڪ ڪيس بي اعتمادي جي دور ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ٻيو ڪيس آئين موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ جو هوندو.هن چيو ته عارف علوي آئين ٽوڙي پنهنجو فرض پورو نه ڪري رهيو آهي، صدر جيڪڏهن آئيني ذميواري پوري نه ڪئي ته اسپيڪر ان کي پورو ڪندو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي مفاهمتي عمل ۾ پي ٽي آءِ کي به شامل ڪيو ويندو، تاريخ کي درست ڪرڻ لاءِ پهريون قدم ڀٽو ريفرنس جو فيصلو هوندو، اهڙو مضبوط فيصلو ڏنو وڃي ته فل اسٽاپ ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي جو اجلاس ٿيو آهي. ادارن کي آئين جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته سياستدانن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي دائري ۾ رهي سياست ڪرڻي آهي، سياستدانن کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن سياستدان هڪ ٻئي جو احترام نٿا ڪن ته پوءِ ڪنهن به اداري کان سندن عزت جي اميد نه رکو، جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته ايندڙ ٽن نسلن تائين اهو ئي تماشو هلندو رهندو.هنن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياستدان 9 مئي تي ڪنهن اداري تي حملو ڪن ٿا ته پوءِ اهي سياسي ميدان ۾ نه رهيا آهن، اسان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون ته پوءِ چئي سگهون ٿا ته اسان لاتعلق آهيون، جيڪڏهن ائين ڪيو ته ڇا ٿيو؟ معاشي مسئلا اسان پاڻ ئي حل ڪندا؟ عدم استحڪام ملڪي معيشت ۽ جمهوريت، وفاق کي نقصان پهچائي رهيو هو، اسان فيصلو ڪيو ته جيڪي اسان وٽ ووٽ گهرڻ آيا، اسان انهن کي ڏنو. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل اسان وٽ ووٽ گهرڻ لاءِ نه آئي هئي ته پوءِ اعتراض ڪهڙو آهي، اسان وٽ اهو آپشن آهي، جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي موقعو ڏيو، مون چيو ته جيڪڏهن مان وزيراعظم ٿيان مان سياسي قيدين کي آزاد ڪندس، معاف ڪجو، پاڪستان جي عوام مون کي اهو مينڊيٽ نه ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو