عادلپور پوليس جي سامهون جوابدارن جو فريادي کي ڪٽڪو

خانپورمھر(ن س) چورن خلاف پوليس وٺي ويندڙ فريادين کي پوليس جي سامهون جوابدار ڌر ڪٽڪو ڏئي رتورت ڪري ڇڏيو. عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ غازي مھر ۾ مھر برادري جي ڌرين ۾ گذريل چار مھينن کان چوري جي معاملي تان هلندڙ اڻبڻت سبب اڄ عادلپور پوليس فريادي علي گل مھر کي ساڻ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاء ڳوٺ ۾ پھتي تہ جوابدار ڌر جي ماڻھن بھرام، ظھور، سوڀارو ۽ ٻين فريادين کي ڪٽڪو ڏنو. پوليس بي وس بڻيل، بعد ۾ وڌيڪ نفري طلب ڪري پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري واپس وئي تہ جوابدار ڌر جي ماڻھن ٻيھر فريادين تي حملو ڪيو. جوابدار ڌر فريادي جي مامي حاجي حضور بخش مھر کي ڪوڏرون ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو. زخمين کي عادلپور ٿاڻي تي آڻڻ بعد گھوٽڪي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن عادلپور پوليس موجب باقي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن. ٻي طرف زخمي حضور بخش مھر پريس ڪلب خانپورمھر پھچي ٻڌايو تہ منھنجي ڀاڻيجي علي گل مھر جي چار مھينا اڳ ڳئون چوري ٿي ھئي جنھن جا پيرا جوابدارن جي گھرن ۾ پيا ھيا ۽ انھن ڳئون واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھيو پر چار مھينا گذري ويا ۽ ڳئون واپس نہ ٿي. جنھن تي اڄ ھن فرياد ڪئي جنھن تہ پوليس چڙھائي ڪئي جنھن دوران جوابدارن  پھرين منھنجي ڀاڻيجي ۽ بعد ۾ مون مٿان حملو ڪيو آھي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو