عادلپور پوليس بدنام اشتهاري ملزم گرفتار ڪري ورتو

عادلپور) رپوٽ مددعلي شاه( عادلپور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڏھن مختلف ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻايل ملزم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ملزم نصير ولد غلام نبي چاچڙ کي ڳوٺ دڙي ويجھو ڍارو حماد وٽان گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او عادلپور صحافين کي ٻڌايو ته ملزم مختلف چورين پوليس مقابلن ۽ قتل جھڙن سنگين ڪيسن ۾ اشتھاري آهي. هن چيو ته عادلپور ٿاڻي جي حد اندر امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاء ڪاروايون جاري آھن. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو