طوفان سبب سامونڊي تيز هوائون شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هِندِي سمنڊ ۾ هوا جو دٻاءُ پيدا ٿيڻ سبب سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو، پاڪستان ۽ ڀارت جِي سامونڊي پٽي تي تيز هوائون گهلڻ لڳيون، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان 100 کان 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جِي رفتار سان وڌي رهيو آهي، سامونڊي طوفان ڪراچي جَي ڏکڻ اوڀر وٽان 1هزار310 ڪلوميٽرز پري آهي، طوفان ڀارتي رياست گجرات ڏانهن وڌي رهيو آهي، ٽاڪ ٽاءِ نالي سامونڊي طوفان 18 مئي تائين گجرات جِي سامونڊي پٽي وٽ پهچندو، موسميات کاتي موجب ڪراچي ايندڙ ٽن ڏينهن برسات جو امڪان نه آهي، موسم خشڪ ۽ گرم رهندي، جڏهن ته سنڌ جَي مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جِي هدايت، 18 سئو کان وڌيڪ هوڙا واپس موٽي آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو