طوفان ساحلي پٽيءَ کان 800 ڪلوميٽر پري هليو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان سنڌ جي ساحلي پٽيءَ کان 800 ڪلوميٽر پري هليو ويو، ڪراچي ڪاڙهي جي گرمي ۽ لُڪ جي وڪڙ ۾ آيل، شهر ۾ اڄ پارو 43 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان، ڪراچي ۾ سڀاڻي کان مٽيءَ سان گڏ تيز هوا جي اڳڪٿي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان تائوتي مان سنڌ جي ساحلي پٽيءَ کي ڪو به خطرو ناهي، طوفان ڀارتي گجرات طرف وڃي رهيو آهي، طوفان جي اثر سبب ٿرپارڪر، ميرپور خاص، بدين، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ رات کان برسات جا امڪان آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو