طورخم سرحد تي ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪار وڙهي پيا،لنگهه بند

پشاور (ويب ڊيسڪ) طورخم سرحد تي ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪار ڏند چڪ کانپوءِ وڙهي پيا. ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن جي پاڻ ۾ ويڙهه ۾ ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿي پيا. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه رش گهٽائڻ جي معاملي تي ٿي. ٻنهي ادارن جي اختيارين واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي معاملو حل ڪري ڇڏيو ۽ طورخم بارڊر عارضي بندش کانپوءِ 4 ڪلاڪن بعد پنڌ اچ وڃ لاءِ کوليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو