طالبان جي اپيل بنا به زلزلي متاثرن جي مدد ڪريون پيا

طالبان جي اپيل بنا به زلزلي متاثرن جي مدد ڪريون پيا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا طالبان جي باضابطه درخواست جو انتظار ڪرڻ بغير افغانستان جي زلزلي متاثرين لاءِ امداد موڪلڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. افغانستان ۾ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات هڪ طاقتور زلزلو آيو هو، جنهن ۾ 1,000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا هئا. ”آمريڪي انسانيت جا همدرد اڳ ۾ ئي مدد جو اعلان ڪري چڪا هئا. جنهن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ طبي ٽيمون موڪلڻ به شامل آهي. “سيڪريٽري آف اسٽيٽ انٿوني جي بلنڪن پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته طالبان مدد جي باضابطه اپيل ناهي ڪئي پر اسين متاثرين جي انساني بنياد تي مدد ڪريون پيا. پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته افغانستان جي زلالي متاثرين جي فور مدد ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو