ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ ضمير عباسي جي گرفتاري بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، رڳو ڪوڙ آهي. جنيد بچاڻي نالي شخص پنهنجو ڪم نه ڪرڻ جي بدلي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ کي سوشل ميڊيا تي بدنام ڪرڻ لاءِ جعلي خبرون هلائي ۽ گوگل تان تصويرون ايڊٽ ڪري ھلايون آھن جنهن جي سختي سان ترديد ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڄاڻايل شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سيل سان رابطو ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي دوستن جو حلقو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته هو سگريٽ به نه پيئندو آهي ۽ انگريزي شراب جون تصويرون گوگل تان کڻي ايڊٽ ڪري سوشل ميڊيا تي ھلايون ويون آھن. ترجمان چيو ته جنيد بچاڻي نالي شخص پاران سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سٺي سڃاڻ/ھاڪ ۽ شھرت کي بدنام ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي وئي آهي تنھنڪري هو ان شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق رکي ٿو ۽ قانوني ڪارروائي تحت عمل شروع ڪيو ويو آهي.
