صنعان خان سميت سمورا قومي ڪارڪن آزاد ڪريو

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(جئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي اڄ ٻئي ڏيھن به جسقم اڳواڻن عنايت ڪنڀار ؛ زوھيب جمالي ؛  گلشير ڪولاچي ۽ ڪارڪنن پاران پريس ڪلب ٻاھران جسقم چئيرمين صنعان قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف  مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين چيو ته اسانجي چئيرمين کي بلاجواز رات جي اونداھي ۾ چادر ۽ چوڌيواري جو تقدس پامال ڪندي گرفتار ڪيو ويو آھي اسين حڪومتي ادارن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسين سنڌ جا پر امن شھري آھيون اسان کي پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ جي ڏوھ جي  سزا ڏني وئي آھي اسين ڪالھ به سنڌ تي ڌارين جي والار جي خلاف ھئاسين اڄ به اسين سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي والار خلاف آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو