صرف هڪ مس ڪال سان موبائل فون هيڪ ٿي سگهي ٿو

صرف هڪ مس ڪال سان موبائل فون هيڪ ٿي سگهي ٿو

لندن(ويب ڊيسڪ)خبردار  توهان جو موبائيل فون ڪلڪ ڪرڻ کان سواءِ ۽ ڪال وصول ڪرڻ کانسواءِ رڳو هڪ مس ڪال سان هيڪ ٿي سگهي ٿو.برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي مطابق  الجزيره جا 36 صحافي هن سال اهڙي  قسم جي هيڪنگ جو شڪارٿيا آهن.ڪينيڊين انٽرنيٽ ۽ سائبر سيڪيورٽي ايجنسي جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي اين ايس او جي پيگاسس اسپائي ويئر ذريعي صحافين جا فون هن سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هيڪ ڪيا ويا.ماهرن موجب ، اهڙي هيڪنگ کي صفر ڪلڪ چئجي ٿو جنهن ۾ هيڪرز صرف هڪ مس ڪال سان پنهنجي جي هدف کي هيڪ ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو