اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مدت جي تصديق ۽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر آصف علي زرداري جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي بنياد تي منظوري جي منظوري ڏني. هن قدم جو مقصد عدالتي نظام جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ التوا ۾ پيل ڪيسن جي بروقت فيصلي کي يقيني بڻائڻ آهي.صدر سڀ منظوريون وزيراعظم جي صلاح تي ڏنيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 10 ايڊيشنل ججن، جسٽس ميران محمد شاهه، جسٽس تسنيم سلطانه، جسٽس رياضت علي سحر، جسٽس محمد حسن، جسٽس عبدالحميد ڀاڳي، جسٽس جان علي جوڻيجو، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو، جسٽس علي حيدر، جسٽس محمد عثمان علي هادي ۽ جسٽس محمد جعفر رضا کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ايڊيشنل ججن، جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس سيد فيض الحسن شاهه جي مدت ۾ ڇهن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججن جي مستقل مقرري جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار حيدر اعوان، جسٽس سردار اڪبر علي، جسٽس سيد احسن رضا ڪاظمي، جسٽس ملڪ جاويد اقبال وينس، جسٽس محمد جواد ظفر، جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ محمد اويس خالد، جسٽس چوڌري سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس ابهر گل خان شامل آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جسٽس طارق محمود باجوه جي مدت ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وئي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن، جسٽس محمد طارق آفريدي، جسٽس عبدالفياض، جسٽس صلاح الدين، جسٽس صادق علي، جسٽس سيد مدثر امير ۽ جسٽس قاضي جواد احسان الله جي مستقل مقرري جي منظوري ڏني وئي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي 4 ايڊيشنل ججن، جن ۾ جسٽس فرح جمشيد، جسٽس انعام الله خان، جسٽس ثابت الله خان ۽ جسٽس اورنگزيب شامل آهن، جي مدت ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وئي.










