صدر ٽئڪس قانونن جي ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي ٽيڪس قانونن جي ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي منظور ٿيل ٽيڪس قانونن ۾ ترميم جو بل وزيراعظم منظوري لاءِ صدر کي موڪليو ۽ منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي. صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏني. ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم ڪرڻ آهي، اُن وسيلي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1999ع جي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميمون ڪيون ويون. واضح رهي ته ٽيڪس قانونن جو ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو