صدر سان جي يو آءِ وفد جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

صدر سان جي يو آءِ وفد جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

لاڙڪاڻو: (ن س) صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن واري بل معاملي تي مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ معاملو جلد کان جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب جي يو آءِ جي وفد لاڙڪاڻي ۾ مولانا راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ صدر اصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي.جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامهر اشد محمود سومرو جي نئون ديرو هائوس لاڙڪاڻي ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ٿي جنهن ۾ مدرسن واري بل، سنڌ جي امن امان، ملڪي، علاقائي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلع لاڙڪاڻي جو امير مولانا ناصر محمود سومرو، پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر به موجود هئي. صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري مدرسن جي بل تي مولانا فضل الرحمان جي خدشن کي جلد ختم ڪرڻ جي واعدي موجب مدرسن جي رجسٽريشن بل جو معاملو جلد کان جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو.جي يو آءِ وفد جي سربراهه مولانا راشد محمود سومرو سنڌ ۾ امن امان جي بدترين، امن امان جي صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صوبي ۾ عوام جي جان، مال، عزت، آبرو جي تحفظ کي قيني بنايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري موقعي تي امن امان جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کي هر ممڪن قدم کڻڻ جي فوري هدايت جاري ڪئي.ملاقات ۾ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر جميل احمد سومرو، سهيل انور خان سيال، مولانا طاهر محمود سومرو، مولانا طارق محمود سومرو، عطاءُالرحمان سومرو ۽ ڊاڪٽر شفيق الرحمان سومرو به موجود هئا. جي يو آءِ جي وفد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي سزا ملڻ تي صدر آصف علي زرداري خالد محمود سومرو جي پٽن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ سمورن وارثن جي صبر تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.علامه راشد محمود سومرو پنهنجي شهيد والد جي قاتلن جي گرفتاري ۾ سنڌ حڪومت جي تعاون ۽ سنڌ پوليس جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو