صدر جي ووٽ لاءِ به ايم ڪيو ايم ڏانهن وينداسين: مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صدر جي ووٽ لاءِ به ايم ڪيو ايم ڏانهن وينداسين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته پارٽي جون هدايتون ڪهڙيون آهن.هن چيو ته اسان صدارتي چونڊن ۾ به ايم ڪيو ايم کي ووٽ لاءِ وينداسين، ماضي ۾ ايم ڪيو ايم سان سٺا لاڳاپا هئا.مراد علي شاهه چيو ته اسان جي مڪاني حڪومت هن وقت بااختيار آهي، مڪاني ادارن بابت ايم ڪيو ايم جو مطالبو پنجاب لاءِ به ٿي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري دھاندلي بابت چئي چڪو آهي، اسان کي سنڌ سميت هر جاءِ تي تحفظات آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو