صدر جي عهدي لاءِ زرداري ۽ اچڪزئي جا نامزدگي ڪاغذ جمع

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر جي سيٽ لاءِ آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سليم مانڊوي والا چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عدالت ۾ صدر جي سيٽ لاءِ آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق آصف زرداري جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان آصف زرداري صدارتي اميدوار هوندو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ صدارتي چونڊن لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سني اتحاد ڪائونسل طرفان صدارتي چونڊن لاءِ لطيف کوسه، عمر ايوب خان ۽ ٻين اڳواڻن صدر جي لاءِ محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ان ومقعي تي لطيف کوسي جسٽس عامر فاروق کي چيو ته اسان سمجهي رهيا هئاسين ته اوهان اسان کي چيمبر ۾ گهرائي چانهه پياريندو جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته چانهه ته ان کان پوءِ به اوهان کي پيايندس، عمر ايوب ۽ علي محمد خان به هن عدالت ۾ پهريون ڀيرو آيا آهن،جنهن تي علي محمد چيو ته مان هن عدالت ۾ انصاف گهرڻ اچي رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو