صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿينديون،شيڊيول جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صدارتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب ملڪ ۾ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿينديون، 2 مارچ تي نامزدگي ڪاغذ 12 وڳي کان اڳ جمع ڪرائي سگهبا.اليڪشن شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 4 مارچ تي ريٽرننگ آفيسر صبح 10 وڳي ڪندو. نامزدگي ڪاغذ 5 مارچ ٻنپهرن جو 12 وڳي تائين واپس وٺي سگهبا.اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته صدارت جي اميدوارن جي فهرست 5 مارچ تي 1 وڳي لڳائي ويندي ۽ 9 مارچ تي صدارتي اليڪشن ٿيندي.شيڊول موجب صدارتي چونڊ جي لاءِ پولنگ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. آئين موجب صدارتي چونڊ جو ريٽرننگ آفيسر چيف اليڪشن ڪمشنر هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو