صحت کاتي جي ٽيم جو شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون

صحت کاتي جي ٽيم جو شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)غوثپورصحت کاتي ڪشمور جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر خليق باجڪاڻي جو ٽيم سميت شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٽي ڪلينڪون سيل. ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف صحت کاتي جون ڪاروايون جاري آھن ان سلسلي ۾ اڄ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس ڪشمورجي فوڪل پرسن ڊاڪٽر خليق باجڪاڻي پنھنجي ٽيم سان غوثپور شھر جي مختلف ھنڌن تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪندي سندن پرائيوٽ ڪلينڪن تي ڇاپا ھنيا۔ فوڪل پرسن جي اچڻ جو اطلاع ملڻ تي ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ شھر ۾ ٻڙڌڪ/ٿرٿلو مچي ويو۔ ڊاڪٽر خليق احمد شھر جي ٽن عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون۔ ان موقعي تي ھن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف صحت کاتي جون ڪاروايون جاري رھنديون ۽ ڪنھن سان به رعايت نه ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو