صحت جون سهولتون نه هجڻ خلاف شهرين جي علامتي بک هڙتال

صحت جون سهولتون نه هجڻ خلاف شهرين جي علامتي بک هڙتال

جاتي (محمد صديق ٻارڻ) سول اسپتال جاتي ۾ مرف حوالي حوالي ٿيڻ کان پوءِ دوائن جي شديد کوٽ، مريضن کي صحت جون سھولتون نه ملڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف پ پ شھيد  ڀٽو جي سيد وفا حسين شاھ، ايس ٽي پي جي اشرف ٿھيم، اميرالبحر جي عارب ملاح حنيف ملاح ،  ملاح اتحاد جي محمد جمن ملاح، زمينداري ايڪشن ڪميٽي  جي عادل لغاري ۽ پي ٽي آءِ جي سيد زين شاھ آصف ڪڇي  طرفان سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي تعلقي اسپتال  جاتي جي مک گيٽ اڳيان پھتي جتي ٽينٽ لڳائي بک ھڙتال قائم ڪئي وئي آهي بک ھڙتال تي ويٺلن جي ھٿن ۾ مختلف تنطيمن جا جھنڊا ۽ بينر ھئا. ان موقعي تي بک ھڙتال تي ويٺل اڳواڻن  جو چوڻ ھو ته مرف انتظاميا جاتي اسپتال  جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي اسپتال ۾ صرف چند ڊاڪٽر آهن ۽ اسپتال  ۾ مريضن کي ڪا به سھولت  فراھم ناهي اسپتال ۾ دوائون اڻلڀ  آهن ۽ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ سبب ايندڙ مريض سخت پريشان ٿين ٿا ۽ اسپتال  ۾ سھولت  نه ھئڻ سبب ڪيترائي مريض دم ڌڻي حوالي ڪريو ڇڏين. انهن مطالبو ڪيو ته مرف انتظاميا خلاف ڪارروائي  ڪري مذڪورا اسپتال  ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت مريضن کي سھولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ اسان جي ھيءَ بک ھڙتال  ڪيمپ مرڻ گهڙي تائين قائم رھندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو