صحتمند بڻجڻ لاءِ رانديون ضروري آهي؛ ايس ايس پي موٽروي

سڪرنڊ (روي ڪماراوڏ) سيڪٽر ڪمانڊر بيٽ 31 ۽ ايس ايس پي موٽر وي سجاد حسين ڀٽي چيو آهي ته سٺي صحت لاءِ صحت مند سرگرميون بهترين ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن لاءِ راند سڀ کان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۾ همدرد ڪرڪٽ ڪلب پاران ضلع شهيد بينظيرآباد جي مختلف شهرن جي تنظيمن جي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ انعام ورھائڻ وقت صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هي نوجوان ئي آهي جنهن کي اڳتي هلي هر پليٽ فارم سنڀالڻو آهي ڪرڪٽ ايسوسيئيش جي صدر علي حسن انڙ چيو ته اڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ ههڙا پروگرام ڪري نوجوانن کي مصروف ڪرڻ سان منجهن شعور پيدا ٿيندو ٽورنامينٽ جي آرگنازيشن امير بخش رند آيل مهمانن کي ڀليڪار چئي کين انعام ورهائڻ لاءِ اعلان ڪيو. ايس ايس پي پهريون انعام فائنل کٽيندڙ ٽيم سپر اسٽار کي ٽرافي ۽ 10 هزار روڪ رقم جڏھن ته هارائيندڙ ٽيم حيدري اسپورٽس کي 2 هزار روڪ رقم ۽ ٽرافي انعام طور ڏنا. ان موقعي تي مهمان خاص حسين بخش رند ٻنهي ٽيمن کي پنج پنج هزار ۽ 10 هزار آرگنائيزنگ ڪامٽي کي ڏنا. تقريب کي همدرد جي مجيد عباسي، نثار پرهياڙ، مجيب لاکو، دلدار چانڊيو پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو