صحافي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي قلم ڌڻين جو احتجاج

صوڀوديرو (مظهر نعمت علي منڱڻيجو) سڳيون ۾ صوڀوديرو جي سينيئر صحافي خيرپور صحافي اتحاد جي اڳواڻ ۽ آبادگار اڳوڻ جمال محمود کھڙو مٿان اي سي صوڀوديرو جي فرياد تي هنڱورجا ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين  مظھر نعمت علي منڱڻيجو، ميان اسدالله چنا، گلاب علي سيال، عرفان علي چنا، فدا عباسي، لالا اشفاق احمد ڀاڳت، تسليم احمد ڪوري، سماجي اڳواڻ عبدالوحيد لڪ جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻن عاشق علي چنا، غلام قادر چنا، شهمير چنا، آبادگار اڳواڻ محمد شريف لڪ ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هنڱورجا ڪاٽن فيڪٽري جي آبادگارن سان ڏينهون ڏينهن ظلم وڌندو پيو وڃي آبادگارن جي صاف شفاف ڦٽين تي هٿرادو ڪنٽو هڻي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي جنهن جي سينيئر صحافي آبادگار اڳواڻ جمال محمود کهڙو پاران اهڙي ڪمپلين ڪمشنر کي ڪئي وئي جنھن سبب اي سي صوڀوديرو مزمل ٻگهيو ڪاٽن فيڪٽري جي مالڪن جي وانگار وهندي سينيئر صحافي ۽ آبادگار اڳوڻ جمال محمود کھڙو مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته سينيئر صحافي مٿان داخل ڪرايل ڪوڙي ڪيس جي انڪوائري ڪرائي ناحق داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو