صحافي جي قتل جي مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر( پڊعيدن پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهيد علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شڪيل احمد راڄپر سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، يونين آف جرنلسٽ جي ضلعي صدر زاهد قائمخاني، خادم سيال، مشتاق حسين مري، ساجد جويو، مجيب باريجو، مظهر خاصخيلي، گل مورو، محبوب ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدار بااثر هجڻ ڪري کين پوليس گرفتار نه پئي ڪري. هنن چيو ته سنڌ اندر هر روز صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ حق ۽ سچ لکڻ تي ڌمڪائڻ سان گڏ بيگناهه ماريو پيو وڃي پڊعيدن جي بهادر قلم ڌڻي علي شير راڄپر جو قتل کليل دهشتگردي آهي. هنن چيو ته پهرين ئي سنڌ اندر حق ۽ سچ لکڻ تي ڪيترائي قلم ڌڻي قتل ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين هنن جي خون سان به انصاف ناهي ٿيو. اڳواڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو