صحافي جي قتل جوهڪ ٻيوجوابدار گرفتار، مک ملزم اڃان فرار، صحافين جو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) پڊعيدن پوليس صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث هڪ وڌيڪ جوابدار نظر راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب صحافي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء خيرپور ۽ سکر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا جنهن دوران پوليس جوابدار کي سکر مان هٿ ڪري گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان به اصل جوابدار شڪيل راڄپر جيڪو ٽائون ڪاميٽي پڊعيدن جو چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ آهي، فرار آهي ۽ پوليس هن مهل تائين کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هوڏانهن نوشهروفيروز جي صحافين مک جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ پوليس پاران کيس بچائڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ سندس گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو