صحافي جمال خاشقجي قتل ۾ 5 جوابدارن کي موت جي سزا

رياض (ويب ديسڪ) صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ سعودي عرب جي عدالت 5 جوابدارن کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ٽن جوابدارن کي 24 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ سعودي ولهي عهد جي ويجهو سمجها ويندڙ انٽيلي جنس اهلڪارن کي عدم ثبوت جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو آهي. جوابدارن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا. جمال خاشقجي آمريڪا ۾ رهندو هو ۽ واشنگٽن پوسٽ ۾ ڪالم به لکندو هو. هو سعودي عرب جي حڪومت تي اڪثر تنقيد ڪندو هو. هن ترڪ عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ استنبول ۾ واقع سعودي سفارتخاني مان دستاويز ٺهرائڻ ويو ته 2 آڪٽوبر 2018 تي کيس قتل ڪيو ويو هو. قتل جو الزام سعودي ولي عهد تي لڳو هو ۽ اقوام متحده جي خصوصي نمائندي محمد بن سلمان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. سعودي ولي عهد شروع ۾ ته انڪار ڪيو پر بعد حڪمران هئڻ جي ناطي ذميواري قبول ڪئي هئي. مبصرن جو خيال آهي ته دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ قاتلن کي سزا جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ماضي جيان سعودي بادشاهه بعد ۾ خاموشي سان سزا معاف ڪري ڇڏيندو ، ڇو ته جوابدارن جا نالائي ظاهر نٿا ڪيا وڃن ته کين سزا ڪيئن ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو