ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي صحافين کي پلاٽن جي فراهمي جو مسئلو طور تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر فاضل جميلي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي وفد سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، گورننگ باڊي جي ميمبرن حفيظ بلوچ، حماد حسين، مونا صديقي شرڪت ڪئي. ملاقات جي موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پريس ڪلب جي وفد سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صحافين ۽ پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جون فوري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ملاقات جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پريس ڪلب سان هر دور ۾ سھڪار انمول رهيو آهي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ جمهوري قدرن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار نھ وسارڻ جوڳو آهي. ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافين جي پنهنجي حڪومت آهي، پيپلز پارٽي هر دور ۾ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هر دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسين چاهيون ٿا ته پريس ڪلب جي اڳوڻي باڊي دوران جيڪي ڪم رهجي ويا هئا، اهي موجوده باڊي جي سھڪار سان مڪمل ڪيا وڃن، صحافين کي پلاٽن فراهم ڪرڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاھيون ٿا ته جيئن صحافي ڀائرن کي رليف ملي سگهي. .ھن چيو تھ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هائوسز کي درپيش چيلينجز کان آگاهه آھيون، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار هر دور ۾ ميڊيا هائوسز کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي پيشوراڻي اپ گريڊيشن ۾ سنڌ سرڪار هر قسم جي سهڪار لاءِ تيار آهي. ملاقات جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي تجويز ڪيل انٽرنيشنل ميڊيا ڪانفرنس بابت آگاھي ڏني، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر کي خاطري ڪرائي تھ تجويز ڪيل انٽرنيشنل ميڊيا ڪانفرنس لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن سهڪار فراھم ڪندي. ملاقات ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي انفارميشن سليم خان، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، سارنگ لطيف چانڊيو پڻ موجود ھُئا.










