صادق خان ٻيهر لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڄائو برطانوي شهري صادق خان ٻيهر لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستاني ڄائو برطانوي شهري صادق خان هڪ دفعو ٻيهر لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو.ليبر پارٽي جي صادق خان ڪنزرويٽو پارٽي جي شان بيلي کي شڪسٽ ڏني. چونڊ نتيجن موجب صادق خان 12 لک 6 هزار 34 وٽ  حاصل ڪيا. جڏهن ته شان بيلي 9 لک 77 هزار 601 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. صحافين سان ڳالهيون ڪندي صادق خان چيو ته لنڊن جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون تي ڀروسو ڪيو ۽ مون کي دنيا جي سڀني کان وڏي شهر جي  اڳواڻي جاري رکڻ لاءِ چونڊ ڪيو آهي.هن چيو ته مان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، لنڊن جي سياحت ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي مهم جاري رکنداسين. صادق خان لنڊن جي عوام سان واعدو ڪندي چيو ته مان ڪورونا جهڙي وبائي مرض کان ڇوٽڪارو ڏيڻ جي دوران به لنڊن شهر جي بهتر ۽ روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندس.واضح رهي ته صادق خان 2016 ۾ فتح ماڻڻ کان پوءِ هڪ وڏي مغربي گادي واري شهر جي سربراهي ڪندڙ پهريون مسلمان بڻجيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو