شھباز شريف جي بيان کي ن ليگ جي پاليسي سمجھون ٿا،بلاول

ماتلي (ن سنڌيار) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ مريم نواز يا ٻئي ڪنهن جي اڳيان جوابده ناهيون، شهباز شريف نواز ليگ جو صدر آهي، سندس بيانيي کي نواز ليگ جي پاليسي سمجهون ٿا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماتلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ شوڪاز نوٽيس ڦاڙي ڇڏيو هو، اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهيون، پيپلز پارٽي عزت سان سياست ڪندي آهي، پنهنجا موقف تبديل نه ڪندا آهيون، پيپلز پارٽي جو جي يو آءِ سان سٺو واسطو رهيو آهي پر نظرين تي سوديبازي نه ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته عمران خان جي مخالفت ڪريون، ڪجهه دوستن کي پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪرڻ جو شوق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو