شگر جي مرض ۾ مبتلا ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڊائبيٽڪ فيڊريشن (آءِ ڊي ايف) پنهنجي تازي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان شگر جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان ان مرض ۾ مبتلا مريضن جي تعداد جي حوالي سان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي. پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو تعداد 3 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو آهي. 2019 بعد ٻن سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک مريضن جو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مريضن جي انگ ۾ واڌ جو وڏو سببب جسماني سرگرميون نه ڪرڻ، پنڌ يا واڪ نه ڪرڻ، ايڪسرسائيز نه ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو