راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته سموريون شڪايتون، رنجشون ختم ٿي ويون، پي ٽي آءِ باني عمران خان مون کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته اڄ تقريبن 3 مهينن کان پوءِ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي، مون هٿ اڳيان وڌايو ته عمران خان مون کي ڀاڪر پاتو، پي ٽي آءِ باني تنقيد جي طور تي چيو ته اوهان ڇو نه ايندا هئا. هن چيو ته مون اڄ سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن. مون معافي گهري ڇڏي آهي، منهنجي لاءِ پريشانيون پيدا نه ڪيون وڃن، اڄ ناراض ٿيڻ واري ڳالهه پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ ختم ٿي وئي آهي، پارٽي ته مون کي ڪڍيو ئي نه هو، پارٽي مان ڪڍرائڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو هو، مون کي پارٽي مان صرف عمران خان ئي ڪڍي سگهي ٿو.شير افضل مروت چيو ته عمران خان سان منهنجي تمام گهڻي محبت آهي انهي کان جدائي نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان اڄ جيڪو عزت ۽ پيار ڏنو اهو منهنجي لاءِ سڄي عمر جو اثاثو آهي. هن چيو ته بيرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ باني پارٽي مسئلن تي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، عمران خان واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪوبه اختلاف منظور نه آهي، سڀني کي ويهاريو، مان لنڊن ۾ 21 ڏينهن رهي آيو آهيان، پاڪستان پهچندي هڪ مهينو ٿي ويو آهي، مان سپريم ڪورٽ جو وڪيل، پاڪستان جو شهري آهيان ڪير به من کي ڇو روڪيندو؟ هن چيو ته عوام پاڪستان ۾ جمهوريت جي بالادستي چاهي، اسان کي حقن جي پامالي روڪڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻي آهي، ساڳيو پاڪستان ڏسندو اسان لاهور ۾ لکن جي تعداد ۾ وينداسين، جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي اسان 22 تاريخ تي اتي به جلسو ڪنداسين، عمران خان مون کي 22 آگسٽ جي جلسي جي ذميواري ڏني آهي. شير افضل مروت چيو ته اسان پرامن رهنداسين، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام جي ڪاوڙ کي دعوت هوندي، همت، حوصلا ۽ جرئت سان قوم کي نڪرڻو پوندو، آئنده ڪنهن به 9 مئي جا اسان پاڻ ذميوار هونداسين.
بس اڏن جي منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو پيو وڃي
وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد
ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا مارجي ويا
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسو دوران سمورو سامان ڪي پي مان کڻي وڃڻ جو فيصلو
نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان اڪرم جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار