شڪارپور (ڊر) شڪارپور ۾ شيخ ۽ بروهي برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻو خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي. پوليس موجب نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سکر روڊ وٽ هٿياربند جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته مقتول جي سڃاڻپ جاني پٽ عطو شيخ طور ٿي آهي. واقعي کان پوءِ هٿياربند جوابدار جاءِ واردات تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.










