شير عوام جو رت چوسڻ چاهي ٿو،هن کي وزيراعظم ٿيڻ نه ڏينداسين

بدين/سا نگهڙ (ن س) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ اهڙو ماڻهو جنهن وٽ نه نظريو آهي ۽ نه ئي وري منشور اهو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ چاهي ٿو جيڪو هر ڀيري ناڪام رهي ان کي ڪهڙي خوشي ۾ چوٿون ڀيرو به وزيراعظم بنجڻ جو موقعو ڏنو وڃي.گولاڙچي جي شهر راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي 37هين ورسي واري تقريب ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي عوام جي ذريعي حڪومت ٺاهينداسين عوام اسان کي ووٽ ڏئي ته جيئن اسان پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهون. پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اسان چئني صوبن جي عوام کي پنهنجو منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي. اقتدار ۾ اچي اسان پنهنجي 10 نڪتن تي ٻڌل منشور تي عمل ڪنداسين اسان مستحق ماڻهن کي 300 يونٽ بجلي فري ڏينداسين ۽ پگهارون به ٻيڻيون ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته هڪ ماڻهو جنهن وٽ نه نظريو آهي نه ئي وري منشور هاڻ اهو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ چاهي ٿو ان کي جڏهن به وزيراعظم بنايو ويو ان سان ملڪ کي نقصان ٿيو. اسان عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا پر هو سازشن تي يقين رکن ٿا. اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا پر هو عوام تي حڪمراني ڪرڻ تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته هو جيڪا سياست ڪري رهيا آهن اها نفرت جي سياست آهي جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهچي رهيو آهي. پر انهن کي ان جي ڪابه فڪر نه آهي. جيڪڏهن فڪر آهي ته صرف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ جي. جڏهن ته اسان کي پاڪستان جي معاشي بحران، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي فڪر آهي.هن چيو ته هي اهو شينهن آهي جيڪو عوام جو رت چوسيندو آهي انهن هر ڀيري اچي پاڪستان جو نه پر عوام جو نقصان ڪيو. پ پ جو مقابلو مسلم ليگ(ن) سان آهي. هن چونڊن ۾ صرف 2 پارٽيون آهن جن جو مقابلو آهي، عوام کي دعوت آهي ته اسان جو ساٿ ڏيو ته اسان تير جي ذريعي هن شينهن جو شڪار ڪنداسين ۽ هن شخص کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ نه ڏينداسين.بلاول چيو ته هڪ شخص کي هڪ ڀيرو موقعو مليو پر اهو ناڪام رهيو پوءِ ان کي ٻيون ۽ ٽيون موقعو مليو تڏهن به اهو ناڪام رهيو. کيس ڪهڙي خوشي ۾ چوٿون موقعو ڏنو وڃي؟ هن ملڪ کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي جيڪڏهن مان وزيراعظم بڻيس ته پنهنجي منشور جي 10 نڪتن تي ضرور عمل ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو