ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينٽرشيري رحمان جي ڌيءُ 39 سالن جي ماروي ملڪ فوت ٿي وئي آهي. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ برين هيمريج ٿيو هو جنهن سبب کيس اسپتال م داخل ڪيو ويو هو.
شيرِي رحمٰن جي ڌيءُ جي انتقال تي صدر آصف علي زرداري ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت جي دعا ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ شازيا مري پڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ماروي ملڪ جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي دل انتهائي اداس ٿي ۽ صدمو پهتو آهي۔
شيرِي رحمٰن جي ڌيءُ جي وفات تي گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ماروي ملڪ جي وفات هڪ ناقابل برداشت صدمو آهي۔ اسين خاندان سان غم ۾ شريڪ آهيون.










