شيخ رشيد قرباني لاءِ 3 اُٺ خريد ڪري ورتا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد سنت ابراهيمي جي ادائگي لاءِ عيد الاضحيٰ تي قرباني لاءِ 3 اُٺ خريدي  ورتا آهن. هو اڱاري تي مويشي منڊي پهتو جتي مختلف جانورن جو معائنو ڪري قيمت معلوم ڪندو رهيو. مختلف جانور چڪائڻ بعد هن 5 لک 60 هزار ۾ 3 اُٺ خريد ڪيا. هن اٺڻ وارن سان پاڻ بارگين ڪئي ۽ ڇڏا ڇڏاءُ ڪرائي کين رقم ادا ڪئي. سندس چوڻ آهي ته هو عيد جي ٽن ڏينهن واري موڪل دوران روز هڪ اُٺ ڪهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو