حب(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف صدر ٿاڻي حب ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف نازڪ لفظ استعمال ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.درخواستگذار چيو ته شيخ رشيد ملڪ ۾ امن امان خراب ڪرڻ ۽ خونريزي جي سازش ڪري رهيو آهي، سندس جارحاڻي لفظن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوام ۾ ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي.پوليس موجب شيخ رشيد خلاف قلم 506، 504، 500، 186 ۽ 153 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
