شوڪت عزيز صديقي کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ شوڪت عزيز صديقي کي برطرف ڪرڻ واري سپريم جڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل 5 رڪني بينچ 23 جنوري 2024 تي شوڪت صديقي جي آئيني درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو آهي. عدالت هاڻي 22 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو چيف جسٽس آف پاڪستان لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 11 آڪٽوبر 2018ع تي صدر حڪومت جي سفارش تي سندس برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس شوڪت صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ريٽائر تصور ٿيندو۽ سمورين مراعتن ۽ پينشن جو حقدار هوندو، کيس پينشن سميت سمورا فائدا ملندا. ياد رهي ته شوڪت صديقي راولپنڊي بار کي خطاب ڪندي چيو هو ته آءِ ايس آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ ايتري قدر جو مرضي جا بينچ ٺهرائي ٿي. جنهن بعد عمران خان حڪومت کيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو ۽ ڪائونسل کيس برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وڪيل برادري ۾ هن فيصلي تي خوشي جو اظاهر ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته پرو اسٽيبلشمينٽ  سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر نقوي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل مس ڪانڊڪٽ جو ڏوهي قرار ڏيندي گذريل هفتي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالفن رليف ملڻ ۽ سندن حامين کي سزا ملڻ جا مثال گهٽ ئي ملن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو