شوبز اقربا پروري خلاف سبيڪا امام جي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)بولي ووڊ فلم ’ڪوئين‘ مان اداڪري جو ڪيريئر شروع ڪندڙ ماڊل ۽ اداڪارا سبيڪا امام پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازڻ يعني اقربا پروري بابت خاموشِ ٽڙيندي ٽوئيٽ ڪئي آهي ته ڪو تجربو نه هجڻ باوجود ماڻهن کي هتي چانس ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ڪاش مونکي به بن امحنت ڪرڻ جي ايئن چانس ملي جيئن مان نالو ۽ شهرت ڪمائي سگهان. هن ڪنهن جو به نالي ناهي کنيو ۽ چيو آهي ته ڪنهن به شخص کي مشهور ۽ ڪامياب اداڪارائن سجل علي ۽ يمنيٰ سان ڊيبيو ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، جيتوڻيڪ هن کي ڪو ڪو تجربو ناهي. ڪاش مونکي به هن جيان هر ڪم ايئن پليٽ ۾ رکي ملي. هن نالو ته انهي کنيو پر سڀ سمجهي ويا آهن ته هو ازان سميع خان جي ڳالهه ڪري رهي آهي جيڪو سجل ۽ يمنيٰ سان ’عشق لا‘ ڊرامي ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي. سندس اهڙي ٽوئيٽ تي مليل جليل رجحن سان بحث هلي رهيو آهي، ڪو سندس حق ۾ ته ڪو مخالفت ۾ ٽوئيٽ پيو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو