شهيد مرتضيٰ ڪرڪٽ ٽورنامنٽ، ڪراچي اليون سوڀاري

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) شيخ ڀرڪيو ۾ لغاري ڪلب  پاران شهيد مير تضي ڀٽو جي ياد  ۾ ڪرڪيٽ  ٽورنامنٽ منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو  ٽورنامنٽ جو فائينل ميچ ڪراچي هوٽل اليون ۽ شيخ اسٽار جي  وچ ۾ کيڏيو ويو ڪراچي هوٽل اليون پهرين ٽاس کٽي مقرر 10 اورن ۾ 117 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ شيخ اسٽار  111  رنسون ٺاهي سگهي ڪراچي  هوٽل اليون 6 رنسن تان  فائينل ميچ کٽي ورتو   ٽورنامنٽ جي مهمان خاص  پيپلز لائيرز فورم شهيد ڀٽو دسٽرڪٽ بار ڪونسل حيدراباد جي چيف آرگنائيزر ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاري بشير احمد لغاري عبدالقيو م لغاري  ڪاميابب رانديگرن ۾ مڊل ڪپ  ۽ ٽرافيون اورهايون. ٽورنامنٽ جو  ڀلوڙ رانديگر زاهد هاليپوٽو  کي قرار ڏنو ويو  جڏهن ته ونر ڪپ اڪبر ڪمبوه   رنرڪپ سليم ڪشميري  کي ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو